رتاوان دست

رتاوان دست: هيءَ بيماري رڍن ۽ ٻڪرين ۾ ٿيندي آهي. هن بيماريءَ جو ڪارڻ هڪ قسم جو بئڪٽيريا آهي، جنهن جو نالو ڪلاسٽريڊئم ويل شائي آهي. هن بيماريءَ کي رتاوان دست، ڪاري تيڪ ۽ ڪن علائقن ۾ ڪرئو ۽ ’هلڪي ٻرڪي‘ به چوندا آهن. هيءَ بيماري وسڪاري کانپوءِ گھڻا ساوا گاهه کائڻ سبب ٿيندي آهي. رڍن ۽ ٻڪرين ۾ ۾ بي. سي (B.C) قسم جا جراثيم بيماري پيدا ڪندا آهن ۽ ڍڳين ۾ سي ‘C’ قسم جو جراثيم بيماري پيدا ڪندو آهي، جڏهن ته ‘D’ جو جراثيم به بيماري پيدا ڪري ٿو. هن ۾ جانور جو اوچتو موت ٿئي ٿو. هن بيماري ۾ پهرين سائي ۽ پوءِ رت گڏيل تيڪ ٿيندي آهي. جانور ڏند ڪرٽيندو آهي، هلڻ مهل سندس ٽنگو ٿڙنديون آهن، وات مان جھڳ وهندي آهي ۽ ان کي بيهوشيءَ جا دورا پوندا آهن. ڪنڌ کي پٺي ڏانهن موڙيندو آهي، ساهه تکو کڻندو آهي، اکين کان انڌو ٿي پوندو آهي ۽ نيٺ مري ويندي آهي.
جيئن ته هن بيماريءَ ۾ زهر Toxis پيدا ٿين ٿا. ان ڪري اهڙي جانور جو علاج ڏکيو ٿيو پوي. براڊ اسپيڪٽرم ائنٽي بايوٽڪ لڳائڻ سان ڪجهه فائدو ملندو آهي. تيڪ جي صورت ۾ ڪاسومڪس يا سلفا ڊماڊين پيارڻ گھرجي، گدنم ڪول ۽ اسپنگر پڻ مفيد آهي.
جيئن ته هيءَ بيماري وچڙندڙ آهي، ان ڪري هن جو اڳواٽ علاج ضروري آهي. اينٽيرو ٿاڪسيمان وئڪسين سڀني تندرست رڍن ۽ ٻڪرين کي هر ڇهين مهيني فيبروري ۽ سيپٽمبر مهينن ۾ لڳائڻ گهرجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو